سگھڙين سٿ

سگھڙين سٿ (صفحو): سن 1972ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو ٻيو جنم ٿيو. ان وقت ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ جي گاديءَ جي شهر واري حيثيت بحال ٿي چڪي هئي.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي عوامي حڪومت ۾ سنڌي ماڻهن جڏهن ٻهراڙيءَ کان وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ نئون مڊل ڪلاس جڙيو. پراڻيون روايتون ۽ رواج ان نئين جڙندڙ طبقي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجھي رهيا هئا. ان وقت اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ان طبقي جي مالڪي ڪئي وڃي. سندن مشڪلاتن ۽ مسئلن کي ارباب اختيارين تائين پهچائڻ سان گڏوگڏ سندن تعليم، روزگار، شهري سهولتن وغيره بابت پڻ سندن رهنمائي ڪئي وڃي. ان دور ۾ سنڌي ادب کي به نئون موڙ ملي چڪو هو. ون يونٽ واري مزاحمتي دور کان پوءِ هڪ سجاڳيءَ جي ضرورت هئي، جيڪا پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون جاري ٿيون هيون. ’سهڻي‘، ’ملير‘ ڊائجسٽ جهڙن رسالن سان گڏوگڏ خصوصي طور هلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن، ايڊيٽوريلن ۽ ان جي ادبي صفحي ان تحريڪ کي هٿي ڏني. انهيءَ پسمنظر ۾ هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي عورتن لاءِ ’سگھڙين سٿ‘ نالي هڪ صفحو جاري ڪيو ويو، جنهن جي ادارت فهميده ميمڻ سنڀالي. هن صفحي هڪ طرف ته سنڌي عورتن جي جاڳرتا ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سندن سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن کي اجاگر ڪيو ته ٻئي طرف سنڌي ادب جي ميدان ۾ تخليقي سطح تي پڻ ڪيترين نين لکندڙ ڇوڪرين ۽ عورتن کي متعارف ڪرايو ۽ سندن رهنمائي ڪئي.
’سگھڙين سٿ‘ صفحو اردوءَ جي عام روايتي صفحن جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ منفرد هو، جو هن ۾ رڌ پچاءَ يا هار سينگار بابت ليکن کي اهميت ڏيڻ بدران عورتن جي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪندڙ ليک ڇاپيا ويندا هئا.ڪالم، ڪهاڻين، شاعري، مضمونن، انٽرويوئن يا فيچرن کانسواءِ هن صفحي ۾ چترڪار عورتن جا چٽ ۽ خاڪا ڏنا ويندا هئا، سندن لکڻين تي تنقيدي تبصرا ڪيا ويندا هئا ۽ دنيا جي مشهور عورتن بابت ليک ترجمو ڪري ڇاپيا ويندا هئا، جن ۾ ليلا خالد،
جميلا بوپاشا يا هيلن ڪيلر جهڙين عورتن جي زندگيءَ ۽ جدوجهد کي پيش ڪري هتان جي عورتن کي اتساهيو ويندو هو. روايتي معاملن، ننهن، نڻان، ڀاڄائيءَ جي جھيڙن جي مسئلن بدران چين، روس ۽ ٻين سماجوادي معاشرن توڙي يورپ ۽ آمريڪا ۾ عورتن جي آزادي، عورت ۽ مردن جي برابري، پورهئي جي ورڇ ۽ هڪ جهڙن موقعن بابت ڄاڻ ڏئي ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ جي ڏس ۾ شعور بيدار ڪيو ويندو هو. مختلف ادبي ۽ سماجي گڏجاڻيون ڪري عورتن جي تربيت ڪئي ويندي هئي. هن صفحي ذريعي نين لکندڙ ڇوڪرين کي ادب جي کيتر ۾ آڻي، سندن اصلاح ڪري اعتماد ڏنو ويندو هو. هن ڏس ۾ نامور ليکڪه تنوير جوڻيجو پنهنجي ڪتاب ’عورت، سماج ۽ ڏاڍ‘ ۾ لکي ٿي ته: ”سگھڙين سٿ ۾ ٻنهي ڀيڻين (فهميده حسين ۽ انيس ميمڻ) جي اڻٿڪ ڪوشش سببان حيدرآباد ۾ ادبي ميڙاڪا به منعقد ٿيا، نتيجي ۾ عورتن جو هڪڙو انگ برسر پيڪار نظر آيو. سلطانه وقاصي، نورالهديٰ شاهه، نسرين شاهه، شميم ميمڻ، تبسم مهتاب قريشي، خالده سومرو، ثريا سوز ڏيپلائي، مريم چانگ، خيرالنساءِ جعفري، ليليٰ بانو، نيلوفر جويو، رضيه صديقي، افروز صديقي، زبيده ميتلو، غزالا شاهين ڀٽو، تنوير جوڻيجو، رعنا صديقي، ج. ع. منگھاڻي وغيره قابل ذڪر آهن.“
هن صفحي ذريعي ڪيتريون ئي ليکڪائون متعارف ٿيون، جن ۾ نور الهديٰ شاهه، سلطانه وقاصي، عطيه دائود، تنوير جوڻيجو، شمشاد مرزا، سوسن مرزا، سلميٰ صديقي، بانو محبوب، نسرين جوڻيجو ۽ ٻيون شامل آهن.
هي صفحو مسلسل ڏهن سالن تائين فهميده ميمڻ/ فهميده حسين ايڊٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪجھه سال ان کي عطيه دائود پڻ سنڀاليو ۽ پوءِ مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪائون اهو صفحو سنڀالينديون رهيون آهن.


لفظ سگھڙين سٿھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو